سونو خان ملاح:

سونو خان ملاح:

سونو خان ملاح:

سونو خان ملاح: شاعر ۽ ڪهاڻيڪار سونو خان ملاح ولد خميسو خان ملاح، 23 مارچ 1956ع ۾ سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ تليءَ ۾ پيدا ٿيو. هي هڪ هاريءَ جو پٽ هو. سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جو بنيادي ميمبر هو. سٺو ڪهاڻيڪار ۽ شاعر هو. ڳوٺ ۽ علائقي جو سرگرم قومي ڪارڪن ۽ سماجي خدمتگار هو. پورهيت هو. هارپو ڪيائين، بورچي ٿيو، پٽيوالي ڪيائين. انٽر آرٽس ڪرڻ بعد زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ ڪلرڪ ٿيو. پنهنجي دؤر جو مثالي قومي ڪارڪن هو. لابارن جي مند ۾ قومي ڪارڪنن سان گڏجي غريب هارين جي لابارن ۾ مدد ڪندو هو. مير محمد پيزادي، ولڻ ملاح ۽ تاج جويي جي صحبت ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون لکڻ ۽ شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين. سندس ڪهاڻيون فقير محمد لاشاري، هلال مئگزين ۾ دلچسپيءَ سان شايع ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ پورهيت ڪردارن جي حقيقي عڪاسي ڪيل هوندي هئي. سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ کي سرگرم رکڻ ۾ سندس ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي. سندس شاعري، ڪهاڻين ۽ مضمونن جا ٻه ڪتاب ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن.
تاج جويي پنهنجو ڪلاسيڪي شاعرن بابت ڇپايل پنهنجي هڪ ڪتاب ’باهيون بيراڳين جون‘ سوني خان ملاح کي هنن لفظن ۾ منسوب ڪيو آهي: ”شاهه لطيف جي جاکوڙي ڪردار، اورچ قومي ڪارڪن ۽ نوجوان اديب مرحوم سوني خان ملاح جي نانءِ، جنهن جي قومي جذبي، جدوجهد ۽ سچائيءَ مون ۾ قومي آجپي جي مقصد جو ويساهه ۽ اتساهه قائم رکيو آهي.“
مرحوم سوني خان ملاح کي هڪ پٽ عبدالجبار ملاح آهي. جڏهن ته سندس ڀاءُ ماڻڪ ملاح نوجوان شاعر، محقق ۽ سٺو نقاد آهي.
سخت پورهيي سبب بڪين جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ بعد سوني ملاح ۽ 28 جون 1982ع تي وفات ڪيائين.
مرحوم سوني خان ملاح جي مزار سڪرنڊ جي تاريخي قبرستان شهيد جيئو جنگ ۾ اوڀر ڪنڊ تي سندس والد مرحوم خميسي خان ملاح ۽ امڙ نور خاتون (نوران) جي قبرن جي وچ ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.03.23  عيسوي

شاعر ۽ ڪهاڻيڪار سونو خان ملاح ولد خميسو خان ملاح، 23 مارچ 1956ع ۾ سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ تليءَ ۾ پيدا ٿيو.


1982.06.28  عيسوي

سوني خان ملاح 28 جون 1982ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جويو دادن فقير
احمد سليم
الماس سنڌو
انعام ٽکڙائي
اسرار احمد علوي پروفيسر
اعجازالحق قدوسي
ڀٽي نور محمد پرواز
حداد حاجي محمد
حسن درس
راشد مورائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون